بنگالي ڪهاڻيون

بنگالي ڪهاڻيون (ڪتاب ):سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ ڀڳوان. آءِ. شهاڻيءَ، هي بنگالي ڪهاڻيون سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري 1946ع ۾ زندگي پبليڪيشن ڪراچيءَ مان ڇپايون هيون. هن ڪتاب جو ڪرائون سائيز جي 109 صفحن تي مشتمل ٻيو ڇاپو، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 15 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب ايم. خان پرنٽنگ پريس گاڏي کاتي مان ڇپائي گلشير بلوچ، ممتاز ڪالوني، قاضي قيوم روڊ حيدرآباد مان پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جو مختصر مهاڳ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته ”ڀڳوان شهاڻيءَ کي جس هجي، جنهن پنهنجي دوست بهاري لال ڇاٻڙيا جي چوڻ تي بنگالي ادب مان سٺيون ڪهاڻيون چونڊي، انهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. اگرچه فاضل مترجم جو پهريون ترجمو آهي، تنهن هوندي به سندس ترجمي جي قابليت ۽ صلاحيت ساراهڻ جوڳي آهي. “


لفظ بنگالي ڪهاڻيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو